دهشلا راڻي

دهشلا راڻي: سنڌ تي ڪيترائي سال حڪمراني ڪندڙ راڻي دهشلا، ڪورؤ، نامور حڪمران راجا دريوڌن جي ڀيڻ ۽ راجا جئدرٿ جي راڻي هئي. هيءَ ڪافي بهادر ۽ هوشيار عورت هئي. جنهنڪري سندس ڀاءُ راجا دريوڌن کيس پنهنجو نائب مقرر ڪري سنڌ موڪليو. هن راڻيءَ سنڌ ۾ پنهنجو تختگاهه اُچ ۽ ملتان جي وچ تي هڪ شهر مقرر ڪيو، جيڪو بعد ۾ ’اسڪلنده‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن عظيم شهر جا کنڊرات ڳوٺ ٺٽ گهلوان، تعلقي شجاع آباد ۾ ملن ٿا، جيڪي پري پري تائين پکڙيل آهن. راڻي دهشلا ڪورؤ سنڌ ۾ اچڻ بعد سنڌ ملڪ کي خوشحال بنائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. راڻيءَ جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ اندر تعليم جي کوٽ آهي ته هن پنهنجي ڀاءُ کي خط لکي مال ۽ اسباب سميت ٽيهه هزار برهمڻ گهرايا، جنهن کان پوءِ سنڌ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جو ڏيئو روشن ٿيو ۽ ملڪ ۾ پڙهڻ، پڙهائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سڪندراعظم جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪري ڦرلٽ جو سلسلو جاري ڪيو ته راڻي دهشلا ڀاءُ راجا دريوڌن جي معرفت 30 هزار برهمڻ حفاظت ۽ مقابلي لاءِ گهرايا. جن برهمڻن سڪندر سان مقابلو ڪري پاڻ ملهايو. ميدن ۽ جتن جي جهڳڙي وقت به راڻي دهشتلا بهترين ڪردار ادا ڪري سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکيو. راڻي دهشلا سنڌ تي اٽڪل ويهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو